اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئ??. و??اقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪاري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته اه?? تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ?? صوبن کي موڪليون وينديون. وفاقي وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌايو ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃ??. و??اقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدم??ون پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدم??ون وفاقي حڪومت کي به پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته اه?? تجويزون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اه?? ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي طرح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ