اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندي ۽ پُرامن ۽ شفاف چونڊن تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ـ گهرو سيڪريٽري اڪبر دراني سان پريس ڪانفرنس ڪندي گوهر اعجاز چيو ته سنڌ اندر چونڊن جون تياريون زور شور سان جاري آهن، جيڪي پارٽيون اليڪشن ۾ چونڊ وڙهي رهيون آهن اهي وڏي عرصي کان هڪٻئي کي ڄاڻن ٿيون. سيڪيورٽي ادارا ۽ انتظاميه موجود آهي، ڪو??ه قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نٿو ڪري سگهي. بلوچستان جي رپورٽ پنهنجي اليڪشن سيل مان ورتي، اسان کي انهن فورسز مان خطرو آهي جيڪي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهيون ٿيون. سيڪيورٽيءَ لاءِ اسان جي پولي?? انهن پُٺيان آرمڊ فورسز آهن، اسان جي آرمي جا ٽرينڊ ڪمانڊوز بلوچستان ۾ موجود هوندا. هن چيو ته اسان کي باجوڙ واقعي تي به تمام گهڻي تڪليف ٿي، اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ سڄي چُرپر ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جو نالو ۽ عزت اسان ۽ ميڊيا جي هٿ ۾ آهي، 25 ڪروڙ عوام جي امانت ميڊيا وٽ آهي، نيت صا?? هجي ته الله پاڪ سرخرو ڪندو آ??ي. ??گران حڪومت جو ڪم سڀني آڏو آهي. گوهر اعجاز وڌيڪ چيو ته 44 هزار پو??نگ اسٽيشنن کي نارمل ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ 20985 پو??نگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 16766 پو??نگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. 2018ع ۾ مختلف واقعن ۾ 666 فوتگيون ٿيون آهن. ڪو??ش آهي ته ان ڀيري ڪو جاني نقصان نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته 3 قسمن جي سطح تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. سڄي ملڪ ۾ 90777 پو??نگ اسٽيشنون آهن، هر پو??نگ اسٽيشن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ انگ 7 کان 8 فردن تي ٻَڌل هوندو. چونڊ واري ڏينهن ٽين ليول تي سيڪيورٽي لڳائي ويندي. پاڪ فوج جا جٿا ڪيو آر ايف طور مقرر هوندا. اسان کي اميد ناهي پر يقين آهي ته هي اليڪشن صا?? شفاف ۽ پُرامن طريقي سان ڪرائي ويندي. اميد آهي ته ڪي پي ڪي ۾ به عوام اطمينان سان پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندو. اسان جا 5 لک 11 هزار پوليس اهلڪار فرنٽ تي بيٺل آهن. هن چيو ڪراچي ۽ بلوچستان جي صورتحال ڏٺي آهي، ڪراچيءَ جو واقعو به تمام افسوسناڪ هو، بلوچستان ۾ دهشتگرد رڳو پاڪستان جو نالو خراب ڪري رهيا آهن. هڪ هينڊ گرنيڊ اُڇلائي چون ٿا ته پاڪستان ۾ امن جي فضا ٺيڪ ناهي. سنڌ ۾ اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي، سياسي پارٽين ۾ دشمني هجي، بلوچستان ۾ پو??نگ اسٽيشنن وچ ۾ چڱو خاصو مفاصلو آهي، صوبي ۾ سمورا اميدوار ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 8 فيبروريءَ تي ٿيندڙ اليڪشن بابت ڪافي افواهون پکيڙيون ويون، آئين تحت هي ملڪ چونڊيل نمائندا ئي هلائيندا. هن چيو ته هاڻي تائين ڪنهن به هنڌ تي موبائل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکي ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو.
نگران حڪومت پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائي، پُرامن ۽ شفاف چونڊن تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو: نگران گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج