اسلام آباد – 05 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هو. ان موقعي تي ??ين??ٽر اسحاق ڊار، ??ين??ٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن ??قوي پڻ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف علي زرداري وزيراعظم کي خاطري ڪ??ائي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو. خادم پاڪستان چونڊجڻ جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين ??ي اعتماد تي انهن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪ??م ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش