ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم مزار تي گلن چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ??تاب ۾ تاثر لکيا. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم مختلف شعبن ۾ نم??يان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان مزار قائد تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف و??تو. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان ٺاهينداسين. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. نوجوانن تحريڪ پاڪستان ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ??ينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ته سنڌ جي ??ورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز