اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، امام حسين رضه جي سمور?? ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ امام بارگاهه ڪاشان عباس جي دوري دوران ڪيو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير مجلس ۽ جل??س جي روٽ جو معائنو ڪيو جڏهن ته مجلسن دوران سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ اطلاعا?? واري وفاقي وزير منتظمين، عزادار?? سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي امام بارگاهه ڪاشان عباس جي منتظم سيد خرم عباس نقوي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. عطاءُ الله تارڙ انتظامن کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر سان مڪمل رابطي ۾ آهيون، محرم الحرام دوران امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ انتظاميا الرٽ آهي، مجلسن ۽ جل??سن ۾ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت جي لاءِ فول پروف قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ڪربلا جي واقعي مان درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته امام حسين رضه جي سمور?? ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت امام حسين رضه اسان کي سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙن جو ڪنڌ ڪٽجي ته سگهي ٿو پر جهُڪي نه ٿو سگهي، امام حسين رضه جو سبق آهي ته ڪنهن ظالم ۽ جابر کي حق سان کلواڙ جي اجاز?? نه ڏني وڃي، حق ۽ باطل جي ويڙهه هن دور ۾ به جاري آهي. اڄ ايثار ۽ قرباني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت اڳ کان تمام گهڻي وڌيڪ آهي.
ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa