اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري ب??ان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عو??م جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن ??ي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائ?? ۽ ??المي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خط?? لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عو??م جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار ام?? ۽ ??ستحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قرباني?? ۽ ??ندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصل?? لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.
ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔