ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 م??با??يل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، ص??با??ي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ ص??بي ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين م??با??يل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ ص??با??ي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان عوام کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ??ارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ??ارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رجسٽريشن مرڪزن ۽ م??با??يل وهيڪلز سان عوام خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ??ارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ??لندي.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس