رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وزير محسن نقوي رحيم يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ ج?? اعلان ڪندي چيو آهي ته حملي آورن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو. گهرو وزير شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي سمورن پوليس اهلڪارن وٽ ويو ۽ کائن طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي زخمي اهلڪارن جي بلند حوصلن کي ساراهيو. هن اسپتال انتظاميه کي زخمين جي بهترين علاج جي حوالي سان پڻ هدايتون ڏنيون. ڪالهه گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته اوه??ن جي عزم ۽ حوصلي کي ساراهيان ٿو، اوهان پنجاب پوليس جا بهادر نوجوان آهيو. محسن نقوي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏنو ويندو ان سلسلي ۾ اسا?? سفارش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جن اهو حملو ڪيو آهي انهن جو عبرتناڪ انجام ڏيندو، هي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. وفاقي حڪومت سموري مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي، رينجرز به موجود آهي. ڊي جي رينجرز پنجاب، ??نسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، ??عليٰ ۽ سول عسڪري عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.
گهرو وزير پاران رحيم يار خان ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي تمغه شجاعت ڏيڻ جي سفارش
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ