اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ڪارساز ڪمپني بي واءِ ڊي جو پاڪستان ۾ پنهنجون گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. بي واءِ ڊي طرفان جاري بيان موجب ڪمپني پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جو اِرادو رکي ٿي ۽ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام اباد ۾ فليگ شپ اسٽورز ۽ ايڪسپيرينس سينٽر کوليندي ۽ 3 سالن اندر سڄي ملڪ ۾ 20 کان 25 ڊيلرز قائم ڪندي ۽ هلندڙ سال جي چوٿين ٽه م??هيءَ ۾ 2 ايس يو وي ۽ هڪ سيڊان سميت 3 ماڊلز جو ??ِڪ??و شروع ڪندي. ڪمپني چيو ت?? بي واءِ ڊي مقامي مينيوفيڪچرز جي تعاون سان ڪراچيء?? ۾ ??ڪ فيڪٽري تعمير ڪندي جنهن جو 2026ع جي پهرين ڇهه م??هي ۾ مڪمل ٿيڻ جي توقع آهي، جيڪو پاڪستان جو پهريون نيو انرجي وهيڪل اسمبلنگ پلانٽ هوندو. بي واءِ ڊي جي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخلا سان نه صرف ملڪ ۾ چين جي اليڪٽرڪ گاڏين جو اثر رسوخ وڌندو پر توانائي جي منتقلي ۽ ماحول دوست ترقيءَ جي شعبن ۾ ترقيءَ ۾ به م??د ملندي. چين جي نيون گاڏيون ترقياتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.
چين جي ڪارساز ڪمپني بي واءِ ڊي جو پاڪستان ۾ پنهنجون گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس