اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ رٿابن??ي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي ص??ار?? هيٺ بلوچستان ۾ پي ??يس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ جاري پي ??يس ڊي پي منصوبن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ان م??قعي تي وفاقي وزير چيو ته صوبا پنهنجي ترجيحن مطابق پي ??يس ڊي پي منصوبن لاءِ لائحه عمل تيار ڪن، پوري ڪوشش آهي ته بلوچستان صوبي جي منصوبن لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻايون. هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي اهم قدمن جي ضرورت آهي. مقامي ماڻهن کي ئي ايف سي جون خدمتون سونپيون وڃن ۽ انهن کي ضروري تربيت فراهم ڪئي وڃي، جن م??صوبن تي 70 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپارڪو جي مدد سان م??ڪ ۾ موجود 15 سال اول ۽ اڄ جي ڊيمن تي رپورٽ تيار ڪئي وڃي. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن جو جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن