??سل??م آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منع??د ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مر??زي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان پ پ اڳواڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان حوالي سان پ پ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتيم خاني ۾ هڪ پروگرام منع??د ڪندي جنهن ۾ پار??يء?? جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان تحفا پيش ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم