نئين دهلي – 10 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڀارت ۽ ن??وزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ??يچ 16 کان 20 سيپٽمبر تائين ا??م چنا سوامي اسٽيڊيم، بينگلور ۾ کيڏي ويندي .نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ ن??وزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 16 آڪٽوبر تي پهرين ??يچ سان ٿيندي . اها ??يچ ا??م چنا سوامي اسٽيڊيم، بينگلور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ ??يچ 24 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر تائين مهاراشٽر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم، پوني ۾ کيڏي ويندي . جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ??يچ پهرين نومبر کان 5 نومبر تائين وانکنڊي اسٽيڊي، ممبئي ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين ڪين وليم سن ڀارت جي دوري کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو هو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي ) مطابق 34 سالن جو ڪين وليمسن گروئن انجري جو شڪار ٿي ويو آه?? جنهن سبب ڪين وليمسن جي ڀارت روانگي ۾ دير آهي ۽ سندس جڳهه تي مارڪ چيپسمين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج