اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄ??م ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪري رهي آهي، بزنس فنانسنگ جي طريقيڪار ۾ بهتري آڻڻ تي ڪم جاري آهي، آءِ ??يم ايف پروگرام کانپوءِ ??يڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ”ايڪسپورٽس ليڊ اڪانومي، ريس ٽو 100 بلين ڊالر“ جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ??ءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، بجلي چوري ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڄام ڪمال خان چيو ته ڪجهه ملڪن سان فري ٽريڊ معاهدن تي نظرثاني به ڪري رهيا آهيون، جنهن سان واپار ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته اسان جو هدف وچ ايشيائي رياستن تائين مڪمل واپار جي پهچ آهي. هن چيو ته ڪورونا کانپوءِ ??نيا جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ وڌي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۽ پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي جنهن سان ڪاروباري ماڻهن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، جڏهن ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ??امع حڪمت عملي بڻائي آهي. هن چيو ته 6 مهينن ۾ مهانگائي ۽ـ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڌيڪ توجهه ٽيڪسٽائل سيڪٽر تي ڏني وئي، موجوده حڪومت فارماسيوٽيڪل روانگي واپار تي توجهه ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي مستقبل روانگي واپار ۾ نمايان اضافي تي ٻَڌل آهي. روانگي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ لاءِ ??امع حڪمت عملي بڻائي وئي آهي. ڪووڊ 19 ۽ يوڪرين جنگ عالمي س??ح تي پاڪستان جي روانگي واپار کي متاثر ڪيو. هن چيو ته داخلي، سياسي استحڪام، معاشي پاليسين جي تسلسل کي نقصان پهچايو آهي، مالي س??ل 2024ع ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 30.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، مالي س??ل 2029ع تائين روانگي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ ??ثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.
حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪري رهي آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر