اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وزير??عظ??ن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکندا جڏهن ته ٻ??هي اڳواڻن پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ ج?? حوالي ??ان حڪمت عملي ??ي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزير??عظ?? لي چيانگ جي وچ ۾ وزير??عظ?? هائوس اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻ??هي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻ??هي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وقت سان گڏ وڌيڪ سگهه ملي ??هي آهي.
ٻ??هي اڳواڻن بنيادي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) فيز 2 جي اعليٰ معيار تي ترقي جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻ??هي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ تحت تعاون هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو. ٻ??هي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. م
لاقات ۾ چيني صنعت جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن ج?? حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ ج?? حوالي ??ان حڪمت عملي ??ي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي اميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا.