اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه ج?? حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آفريقا ??ي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون واري نائب وزير ايناٿانڊي موراڪا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ گڏيل لاڀائتي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ نائب وزير موراڪا پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ قي??دت جي سطح تي باقاعده شموليت ۽ ڳالهه ٻولهه ??ي ضرورت تي زور ڏنو. هن واپار ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج