اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقر??ب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملا??ات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مب??رڪ??اد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد ??اءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد ??اءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملا??ات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ج?? دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
صدر کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن پاران سفارتي سندون پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب