اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيب??پخ??ونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيب??پخ??ونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل ه??ا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپريم ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔