اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ لاءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي ??قيني ??ڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي ??ياڻين جي تعليم لاءِ معاشري روين کي چئيلنج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو ته تعليم ۽ معاشرتي روين جي چئيلنجز کي ??نهن ڏيڻ لاءِ عورتن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي ??قيني ??ڻائڻو پوندو. هن چيو ته نياڻين جي تعليم لاءِ چئيلنجز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي ??ومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي آهي جتي صنفي فرق عام هو، نياڻين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن چيو ته مان اڄ هن مقام ??ي آهيان جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان ۽ نوڪري دوران اهڙا علائقا به ڏٺا جتي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر چيو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ڏٺو جيڪي تعليم جي حق لاءِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آه??، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فيصلاسازي ۽ پاليسي سازي ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو: ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا