بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ ??ني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ بنيادي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ”بنيادي تحقيق کي مضبوط بڻائڻ“ جي خصوصي موضوع تي هڪ گروپ مطالعو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌل سائنسي ۽ ??ني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ بنيادي تحقيق هڪ انتهائي اهم حصو آهي، چين بنيادي تحقيق لاءِ اداره جاتي گارنٽي، سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي مضبوط بڻائيندو. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل ترقياتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تع??ون ۽ کليل سهڪار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، چين هڪ عالمي بنيادي تحقيقي تع??ون جو ??ليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تحقيقي فنڊ قائم ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو ??ومي منصوبو قائم ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تحفظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي مسئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تحقيق کي سگهه ڏيندو.
چين بنيادي تحقيق جي ميدان ۾ نون قدمن لاءِ پرعزم، فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا