رياض _22 مئي (اي پي پي ) سع??دي عرب جي مارڪ??ٽ ۾ 15 مهينن دوران 40 ملڪن کان 53 ملين ڪلو گرام چانهه درآمد ڪئي جنهن جي ماليت 1.3 ارب ريال هئي . اردو نيوز مطابق گ??ري?? ڏي??هن چانهه ج?? عالمي ڏي??هن جي مناسبت سان سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته مشروبات ۾ سڄي دنيا ۾ پاڻي بعد سڀ کان وڌيڪ چانهه جو استعمال ٿيندو آهي . سع??دي عرب ۾ سڀ کان وڌيڪ چانهه گڏيل عرب امارات کان درآمد ڪئي ويندي آهي . جيڪا مجموعي طورتي درآمدي جو 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته ٻين نمبر تي سريلنڪا آهي جيڪو 21 سيڪڙو ، ٽين تي اردن آهي جتي 13 سيڪڙو چانهه درآمد ڪئي ويندي آهي . چوٿين نمبر تي ڪينيا آهي جتي درآمد ڪيل چانهه 12 سيڪڙو ۽ پنجين نمبر تي ڀارت آهي جنهن جو تناسڀ چانهه درآمد ڪندڙ ملڪن ۾ 11 سيڪڙو آهي . دنيا ۾ چانهه سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙن ۾ سع??دي عرب 13 هين نمبر تي آهي .
مضمون کا ماخذ : گرم گرم