پيانگ يانگ -10 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اِن چيو آهي، ته سندس ملڪ ايٽمي طاقت جي تعمير لا??ِ هڪ پاليسي تي عمل پيرا آهي ته جي??ن ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اها ڳالهه سومر تي رات جو اتر ڪوريا جي سالياني يادگار تقريب کي خطاب ڪندي ??يو. ڪِم جونگ اِن مطابق سندس ملڪ کي پنهنج?? ايٽمي صلاحيتن کي وڌائڻ گهرجي ۽ ان جي استعمال کي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جي سيڪيورٽي حقن جي ضمانت ڏئي سگهجي. ڪِم واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جي حمايتن جي صورت ۾ موجود مختلف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لا??ِ مضبوط فوجي وجود جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي دفاع واري وزارت اڱاري ڏينهن ٻيٽ نما ڪورا ۾ گڏيل قومن جي قيادت ۾ شامل ميمبر ملڪن سان گڏ هڪ اجلاس منعقد ڪندي. اتر ڪوريا گڏيل قومن جي ڄاڻايل قيادت تي تنقيدي ??ندي ان کي ”غيرقانوني جنگي تنظيم“ قرار ڏنو هو. يانگ يانگ حڪومت ٻنهي ڪوريائن جي سرحد تي مقرر گڏيل قومن جي انتظام هيٺ فورس ۾ جرمني جي شامل ٿيڻ تي تنقيد ڪندي ??يو ته ان اڳڀرائي سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي.
ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي ۽ انهن جي استعمال جي تياري ڪري رهيا آهيون: اتر ڪوريا
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز