واشنگٽن -11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ارب پتي ۽ ٽ??سلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چيو آهي ته آمريڪا تيزي سان ڏي??الو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. سوشل ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي وفاقي حڪومت جا قرض ساڍا 300 کرب ڊالرن کان وڌي ويا آهن ۽ انهن ق??ضن تي وياج جي لاڳت آمريڪا جي دفاعي بجيٽ کان به وڌيڪ آهي. آمريڪا جي ناڻي واري وزارت موجب هلندڙ سال جولاءِ جي آخر تائين آمريڪي حڪومت جو قرض 35 کرب ڊالرن کان وڌي ويو هو ?? صرف آخري 6 مهينن دوران ق??ض ۾ 10 کرب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. آمريڪي نمائندن واري ايوان سالياني دفاعي پاليسي بل جو پنهنجو ويزن منظور ڪيو جنهن ۾ 895 بلين ڊالرز جي خرچن جي منظوري ڏني آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايلون مسڪ چيو ته قومي قرضن تي وياج جي ادائگي هاڻي ملڪي دفاعي بجيٽ کان به وڌي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا تيزي سان ڏي??الو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. واضح رهي ته ايلون مسڪ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پڻ آمريڪي انتظاميه کي خبردار ڪيو هو ته حڪومتي خرچن جي موجوده شرح آمريڪا کي ڏي??الو ٿيڻ طرف وٺي وڃي رهي آهي ۽ حڪومتي خرچن ۾ اضافي سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي.
آمريڪا تيزي سان ڏيوالو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي: ايلون مسڪ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج