رياض _12 نومبر (اي پي پي )عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جلد ئي اڪثريتي ووٽ ذريعي اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ رڪنيت مج??ند ڪري سگهي ٿي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سعودي عرب ج?? گادي واري شهر رياض ۾ عرب اسلامڪ غير معمولي سربراهي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چي?? ته مون کي يقين آهي ته ڪيتريون رياستون اسرائيل جي رڪنيت کي منج??ند ڪرڻ جي حمايت ڪنديون ۽ اهو منج??ند ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ويزن تحت ناهي . هن چي?? ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واحد ڌر آه?? جيڪا ميمبرن کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي پر نيڪالي ڏيڻ يا شامل ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪري رهي ،اسان (رڪنيت ) منج??ند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ، اسان جلد ئي جنرل اسيمبل?? جي اڪثريتي ووٽ ذريعي رڪنيت جي منج??ند ٿيڻ جو مشاهدو ڪري سگهون ٿا . اهو اهڙو قدم آه?? جيڪو شين کي درست جڳهه تي رکي ٿو .عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پڻ موجود هو . شهزاده فيصل بن فرهان چي?? ته ٻه رياستي حل هڪ سست موت مري رهيو هو پر غزه تڪرار ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪاروائين سبب هاڻي ان تي عالمي برادري جو اتفاق رائي بڻجي رهيو آهي . هن چي?? ته گڏيل قومن جي ميمبرن جي اڪثريت جيتوڻيڪ دنيا جا وڏا ملڪ به ٻه رياستي حل جي پويان مضبوطي سان بيٺل آهن ،منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن جو چوڻ ه?? ته ڪيترن ملڪن فلسطين جي رياست کي تسليم ڪيو ۽ ٻيون اڃان به تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيون آهن . جن ۾ ڪجهه اهم ملڪ به آهن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيل جي رڪنيت منجمند ٿيڻ جو امڪان آهي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ