گڏيل قومون- 20 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ موثر، نمائنده ۽ جوابده بنائڻ لاءِ وڌيڪ غير م??تق?? سيٽون شامل ڪرڻ جي پنهنجي مطالبي جي توثيق ڪئي آهي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي م??تق?? نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن ڪيٽيگري آف ميمبرشپ اينڊ ڪراس ريجنل ريپريزنٽيشن تي بحث ۾ حصو وٺندي نمائندن کي چيو آهي ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ نون م??تق?? ميمبرن جي مخالفت ڪندڙ گروپ يونائيٽيڊ فار ڪنسينسس (يو ايف سي) بدستور ان ڳالهه تي يق??ن رکي ٿو ته سندس سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ کي 26 کان 27 تائين وڌائڻ جي تجويز، جنهن ۾ 11 يا 12 نوان غير م??تق?? ميمبر شامل ڪيا وڃن، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ بهترين بنياد فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته يو ايف سي صرف غير م??تق?? ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي تجويز، جيڪا جنرل اسيمبلي ذريعي چونڊبا آهن چارٽر جي ان نسخي سان جمهوري ۽ هم آهنگ سان سلامتي ڪائونسل پوري ميمبرشپ طرفان ڪم ڪندي آهي. هن چيو ته غير م??تق?? ميمبرن ۾ واڌ سان هڪجهڙي علائقائي نمائندگي ٿيندي جيڪا ڪائونسل جي سڌارن واري عمل جو اهم مقصد آهي. جي 4 ملڪ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان سلامتي ڪائونسل ۾ م??تق?? سيٽن ۾ اضافو چاهين ٿا. ٻي طرف اٽلي ۽ پاڪستان جي قيادت ۾ قائم گروپ يونائيٽنگ فار ڪنسينس (يو ايف سي) اضافي م??تق?? ميمبرن جي مخالفت ڪري ٿو. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل هن وقت پنج م??تق?? ميمبرن تي ٻڌل آهي جن ۾ برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا شامل آهن ۽ 10 غير م??تق?? ميمبر ٻن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غير م??تق?? ميمبر سلامتي ڪائونسل جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن سلامتي ڪائونسل ۾ 6 اضافي م??تق?? ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو آهي ته اهي گڏ??ل قومن جي باقي 182 ميمبر ملڪن جي نمائندگي جي امڪانن کي گهٽ ڪري ڇڏيندو. جنهن سان برابر علائقائي نمائندگي کي نقصان پهچندو. هن چيو ته حقيقت ۾ نئين انفرادي م??تق?? ميمبر سلامتي ڪائونسل ۾ گيم آف ٿرونس کي سگهه ڏيندا ۽ ان جي مفلوج ۽ غير فعال هجڻ جي امڪانن کي تيز ڪندا. هن چيو ته علائقائي نمائندگي جي حوالي سان سندس تجويز متاثر علائقن جي ازالي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن سان هو ڪائونسل ۾ پنهنجي نامزدگي جي طريقن جو تعين ڪري سگهندا، هن چيو ته يو ايف سي جو فريم ورڪ ڪراس ريجنل گروپس جهڙوڪ عرب ملڪن ۽ او آءِ سي گروپس ۽ ننڍن جزيرن جي اسرندڙ ملڪن (ايس آءِ ڊي ايس) جي مناسب نمائندگي کي به ايڊجسٽ ڪري سگهي ٿو.
نئين مستقل سيٽن بدران وڌيڪ غير مستقل ميمبر سلامتي ڪائونسل کي موثر بڻائيندا: سفير منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری