اسلام آباد – 21 مئي (اي ??ي پي) چين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير سن وي ڊونگ چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ٻن??ي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي، ??ي منصوبو پاڪستان جي ايشين ٽائيگر بڻجڻ جي خواب جي تعبير ثابت ٿيندو. هو پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي خابرو اداري اي ??ي پي، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي گڏيل انٽرويو ڏئي رهيو هو. هن چيو ته سي پيڪ جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن جي تا??يخ جو اهم سنگ ميل آهي ان تحت شمسي، ڪوئلي ۽ پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا پلانٽس هنيا پيا وڃن جيڪي پاڪستان ۾ توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مددگار ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز