اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اج??اس ٿيو. امام ڪعبه ڊاڪٽر صالح بن حميد خصوصي دعوت تي شريڪ ٿيو ۽ اج??اس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي سعادت آهي جو وزيراعظم مون کي گهرايو ۽ اهو موقعو فراهم ڪيو ته آئون وفاقي ڪابينا کي مخاطب ٿي سگهان. آئون وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان ۽ آئون خادم الحرمين شريفين، ولي عهد، سعودي عرب جي عالمن ۽ عوام پاران سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي پاڪستان اچڻ جو ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو آهي، آئون پاڪستان کي پنهنجو گهر سمجهان ٿو. امام ڪعبه چيو ته سعودي عر?? ۽ ??اڪستان جا لاڳاپا تاريخي ۽ مضبوط آهن، پاڪستان سدا??ين سعودي عرب جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ سدا??ين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن