ڪراچي – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي لاءِ تعمير ڪيل 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل جي افتتاحي تقريب ڪراچي شپ يارڊ ۾ ٿي. پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ان موقعي تي خصوصي مهمان هو. اهو اسٽيٽ آف دي آرٽ ڊگهي مقصدن واري ج??از اسٽيل هل ۽ المونيم سپر اسٽرڪچر رکندڙ آهي، ان جي ڊيگهه 68.5 ميٽر ۽ ويڪرائي 8.7 ميٽر آهي ۽ اهو وڌ کان وڌ 27 ناٽ ??ي رفتار حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو ج??از پاڪستان جي واپاري، بحري حدن ۾ ??حف??، ڳولا ۽ امدادي معاملا انجام ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح ليس آهي. اهو 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل چائنا شپ بلڊنگ اينڊ ٽريڊنگ ڪارپوريشن (سي ايس ٽي سي) جي فني تعاون سان تعمير ڪيو پيو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪراچي شپ يارڊ، سي ايس ٽي سي ۽ پي ايم ا??س اي کي اهو اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين جي سدابهار دوستي جو هڪ ٻيو تاريخي منصوب?? آهي.
ڪراچي ۾ 600 ٽن ميري ٽائيم پيٽرول ويسل جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados