لاهور – 13 آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي سافٽ اميج کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان فلم انڊسٽري کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستاني ڊرامن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ هلندڙ انٽرنيشنل ڊرامن تي ??يڪس هڻي رهي آهي، سعودي عرب پاڪستان کان فلمون ۽ ڊراما خريد ڪري رهيو آهي جنهن سان فلم انڊسٽري ۽ معيشت ۾ بهتري ايندي، هڪ سال جي اندر ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئ?? پئي وڃي جنهن ۾ اي پي اين ايس ۽ براڊ ڪاسٽرز کي پارٽنر بڻجڻ جي آفر ڪئ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پاڪستان فلم پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن جي ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا