اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي وزيراعظم شي?? حسينه واجد کي ??يلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان شي?? حسينه واجد کي ??نهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي وزيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي قدمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ س??ب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ??اڪ??تان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان سارڪ سان ??اڪ??تان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائ?? تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم جي بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز