اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين ??و اوچتو دورو ڪ??ي وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪا??وب??ري سرگرمين، ترقياتي ڪمن ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. وزيراعظم ٺيلهو هڻندڙن سان ملاقات ڪري انهن کان حالتون معلوم ڪيون، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان بنا پروٽوڪول گاڏي پاڻ ڊرائيو ڪ??ي جي اليون مرڪز جو دورو ڪيو جت?? هن ٺيلهي وارن کان انهن جون حالتون معلوم ڪيون، ٺيلهي وارن احساس پروگرام ت??ت جڳهه فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جنهن عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جو احساس ڪيو، ٺيلهي جي لاءِ جڳهه فراهم ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم عمران خان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي تاڪيد ڪئي ۽ چيو ته سڀ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ ڪا??وب??ر سان گڏوگڏ پاڻ کي ان وبا کان به بچائين، وزيراعظم ضرورت جي شين ??ي قيمتن جو پڻ جائزو ورتو، شهرين وزيراعظم کي اوچتو پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم پاڻ گاڏي ڊرائيو ڪندي ۽ عام شهري وانگر سگنلز تي رڪندي آئي نائين پڻ ويو جت?? هن سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جي مختلف جاين جو اوچتو دورو
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری