اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 75 فوتگيون ٿيون جنهن م??ن 36 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 726 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 66 سيڪڙو، لاهو?? ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 706 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 22 هزار 43، پنجاب ۾ 24 هزار 914، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 771، اسلام آباد ۾ 5 هزار 157، بلوچستان ۾ هڪ هزار 418، گلگت بلتستان ۾ 476، آزاد ڪشمير ۾ 907 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 31 هزار 744 ??ي چڪو آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ