فيصل آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ڊي ايم پاران اجلاسن تي اجلاس ۽ احتجاج جون ڌمڪيون اسان کي ڊيڄاري نه ٿيون سگهن ڇو ته پي ڊي ايم سياسي يتيمن جو ٽولو آهي، اسان ان جي بيلڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي اين آر او ڏنو ويندو، مخالف ڌر کي گهرجي ته اها بنا مقصد احتجاج ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ته جيئن حقيقي جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائي سگهجن. نور فاطمه هائوس امين ٽائون فيصل آباد ۾ بلين ٽري پراجيڪٽ جي حوالي سان تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر بنا ڏسڻ ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي مخالفت ڪري رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ماضي وانگر ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري، بيلٽ پيپر ۽ بيلٽ باڪس چورائي ۽ بعد ۾ پاڻ بيلٽ پيپرز تي ٺپا هڻي بيلٽ باڪس ڀري ڇڏي ۽ ڌونئس ڌانڌلي جي ذريعي پنهنجي مرضي جا نتيجا حاصل ڪري پر هاڻي ائين نه ٿيندو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪي اوورسيز پاڪ??تا??ي ٻاهرئين ملڪ مان ساليانو 30 ارب ڊالر جي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلي رهيا آهن اسان انهن کي ڪهڙي طرح ووٽ جي حق کان محروم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اصل ۾ مخالف ڌر جو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت جو هڪ مقصد پنهنجي سياسي آقائن کي اين آر او ۽ احتساب کان بچائڻ آهي پر اسان پڇون ٿا ته ڇا اسان انهن کي چيو هو ته اه?? مني لانڊرنگ ڪن، جعلي ٽي ٽيز ٺاهين ۽ بوگس اڪائونٽس ٺاهي ملڪ جا اربين رپيا ڦري انهن ۾ ٽرانسفر ڪن تنهن ڪري جيڪڏهن انهن اه?? سڀ ڪجهه ڪيو آهي ته انهن کي ان جو حساب ڏيڻو ۽ احتساب جي عمل مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته انهن چيو ته نيب هڪ خودمختيار ادارو آهي ان لاءِ جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ اه?? پاڻ کي بيگناهه سمجهن ٿا اه?? پنهنجي بيگناهي عدالتن ۾ ثابت ڪن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي سياسي بيروزگارن جي ٽولي جا پنهنجا مسئلا آهن جن جي لاءِ اه?? هٿ پير هڻي رهيا آهن پر انهن کي ملڪي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏني ويندي. فرخ حبيب چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر پارلياماني سڌارن جو حصو بڻجڻ ۽ ايندڙ چونڊن کي هر حال ۾ شفاف ڏسڻ چاهي ٿي ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مخالف ڌر ٺپا مافيا جو حصو ۽ دٻا کڻڻ، بيلٽ پيپر چورائڻ وارن جو گروهه آهي، جيڪي بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر چوري ڪندڙ نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا پر هاڻي عوام ان کي قبول نه ڪندي. هن چيو ته عمران خان هر جڳهه نيوٽرل امپائر جو حامي آهي جنهن اڳ ۾ ڪرڪيٽ ۾ نيوٽرل امپائر کي متعارف ڪرايو ۽ هاڻي چونڊن ۾ نيوٽرل امپائر آڻي رهيو آهي ته جيئن سڀني کي ووٽ جو حق ملي. هن چيو ته مخالف ڌر جي لاءِ فيس سيونگ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اها ايوان ۾ اچي ۽ پارليامينٽ ۾ ويهي ڳالهه ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ ڪا بهتري آڻڻ چاهي ٿي ته ان تي راءِ ڏي پر هڪ ڀيرو مشين جي ورڪنگ ضرور چيڪ ڪري. هن چيو ته حڪومت خطي ۾ امن جي خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿي ته پاڙيسري ملڪ افغان??تا?? ۾ اهڙي متفقه حڪومت بڻجي جيڪا سڀني جي لاءِ قابل قبول ۽ مستحڪم افغان??تا?? جي ضامن هجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ سڪون جي فضا بحال ٿي سگهي جيڪو سڀني جي فائدي ۾ آهي ڇو ته پاڪ??تا?? دهشتگردي جي خلاف 80 هزار قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو، 60 ارب ڊالر جي اڪانومي جو نقصان ڪيو، 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني جن مان 30 لک افغان پناهگير اڃا به پاڪ??تا?? ۾ موجود آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪ??تا?? افغان??تا?? ۾ امن جي ڪوششن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هن چيو ته مودي افغان??تا?? ۾ اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪئي پر هن دهشتگردي جو ٻج پوکيو ۽ امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪيو پر ان وٽ افغان??تا?? مان ڀڄڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ هر طرح سان امن بحال ٿي چڪو آهي ۽ عالمي ڪرڪيٽ به ٻيهر فروغ وٺي رهي آهي ان لاءِ هو پي سي بي سان ڳالهه ڪندو ته اها پي ايس ايل سميت ٻيون انٽرنيشنل مئچز فيصل آباد ۾ منعقد ڪرائي ته جيئن فيصل آباد کي به انهن جي ميزباني جو شرف حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته حڪومت ڪلين اينڊ گ??ين پروگرام کي تمام گهڻي اه??يت ڏئي رهي آهي ڇو ته موسمياتي تبديليون ۽ ماحولياتي تبديليون سڄي دنيا جي وانگر پاڪ??تا?? کي به بري طرح متاثر ڪري رهيون آهن ان لاءِ جيئن ته وڌندڙ آبادي جي تناسب سان انسانن کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن ۽ صاف شفاف فضا جي ضرورت آهي ان لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ وقت جي اه?? ضرورت آهي انهي لاءِ عمران خان پاڻ ٽين بلين ٽري سونامي مهم جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. جڏهن ته ان مهم دوران خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا ويا آهن ۽ گذريل ڏينهن رڳو گوجرانوالا ۾ اسڪولن جي ٻارن هڪ ئي وقت 50 هزار ٻوٽا لڳائي نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. اه?? ئي سبب آهي جو دنيا عمران خان جي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪوششن کي تحسين جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني جو شرف پاڪ??تا?? کي بخشڻ به هڪ اعزاز آهي. فرخ حبيب چيو آهي ته ڪلين اينڊ گ??ين سونامي جي لاءِ حڪومتي قدم ڏسي ماڻهو وڌي چڙهي ان طرف راغب ٿي رهيا آهن ۽ هر جڳهه تي وڻڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻي پي ايڇ اي ۽ ويست مئنيجمينٽ ڪمپني سميت ٻين کاتن کي به ان ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ??تا?? گلوبل وارمنگ جي خلاف قدم کڻندڙ ملڪن جي صف اول جي فهرست ۾ شامل آهي ۽ ان جو سبب موسمياتي تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي ڇو ته هن سدائين وڻڪاري تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته اسان کي شهرن جي توسيع ڪندي گ??ين ايرياز کي محفوظ رکڻو پوندو ڇو ته انهي ۾ ملڪ جي بقاءَ جو راز آهي. هن چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي تقريب جي ميزباني ملڻ سان پاڪ??تا?? جو اميج بهتر ٿيو آهي. هن چيو ته عالمي معيار موجب زمين جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ٻيلن تي ٻڌل هجڻ گهرجي تنهن ڪري اسان جي ذميواري آهي ته اسان گلوبل وارمنگ ۽ ڪلائميٽ چينج جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو ٻيلن جي زمين ۾ اضافو پر نوان ٻيلا لڳائڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪالونيز وارو صوبائي وزير ميان خيال ڪاسترو، ايم پي اي اجمل چيما، ميان اجمل فاروق ڊائريڪٽر نور فاطمه گروپ، خرم مختار، ميان جاويد ستاره گروپ، سي اي او نور فاطمه گروپ حاجي محمد سليم ميان آفتاب، شيخ شاهد جاويد، وحيد خالق رامي ۽ ٻيون صنعتي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ موجود هيون. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مهمانن سان گڏ نور فاطمه هائوس ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا پڻ لڳايا.
پي ڊي ايم پاران اجلاسن تي اجلاس ۽ احتجاج جون ڌمڪيون اسان کي ڊيڄاري نه ٿيون سگهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil