لاهور-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو و??ير شيخ رشيد احمد ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان واضح طور تي ??يو آهي ته پينڊورا پيپرز جي حوالي سان جاچ ڪئي ويندي ۽ـ جيڪو به ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ان خلاف سخت ايڪشن ک??يو ويندو. مريم نواز فوج سميت ٻين ادارن خلاف سنگين بيان ڏئي رهي آهي، سندس بيان ادارن خلاف غير ذميواراڻه آهن، شهباز شريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو ت?? مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي، (ن) ليگ اڄ جتي بيٺل آهي ان جي ذميوار ب?? مريم نواز آهي، سڀاڻي سندن سياست ختم ٿي ته ان جي ذميوار ب?? مريم نواز هوندي. ٻن سالن بعد جڏهن اليڪشن ٿيندي ته پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، وزيراعظم عمران خان جو ساٿي آهيان ساڻس گڏ رهندس. افغانستان ۾ امن ٿيڻ ضروري آهي، افغانستان جو استحڪام پاڪستان جو استحڪام آهي، پاڪستان ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بنا افغانستان جي امداد جاري رکندو. نادرا ميگا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد ??يو ته پنجاب جي وڏي وزير سان به ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ وقار النساءِ يونيورسٽي ۽ ناله لئي جي افتتاح جي باري ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن ??يو ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي جي حوالي سان آءِ جي ايف سي رابطي ۾ آهيان، جڏهن ته اسان جي فورسز جا جوان اتي ڪم ۾ مصروف آهن. شيخ رشيد احمد ??يو ته اين سي او سي زبردست ڪم ڪيو جنهن جي سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي آهي پر ملڪ دشمن عنصر ويڪسي نيشن جي عمل کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دشمنن جي هٿ کي مضبوط ڪري رهيا آ??ن. ??اڪستان ڪورونا تي بنا پابندين جي بهتر انداز سان ڪنٽرول ڪيو آهي. گهرو و??ير ??يو ت?? مريم نواز فوج خلاف سنگين بيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي هزارين نوجوان پنهنجون حياتيون قربان ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو آهي. هن ??يو ته نواز شريف جو وقت گذري چڪو آهي، شهباز شريف مفاهمت جي ڳالهه ڪري ٿو پر مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد ??يو ته فوج ۾ مقرريون ۽ بدليون معمول جو حصو آهن، انهن کي نشانو بڻائڻ غير ذميداريءَ جي انتها آهي. هن ??يو ته فوج هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، زلزلي آفتن ۽ ٻوڏ هر هنڌ فوج مدد لاءِ پهچندي آهي، جڏهن ته برطانيه ۽ آمريڪا ۾ امدادي ڪمن لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويندو آهي. هن ??يو ته (ن) ڪنهن هڪ فرد تي نه پر اداري تي تنقيد ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد ??يو ته هاڻي ثابت ٿي ويو آهي ته ڀارت سڌي ريت ملوث هو جيتري سيڪيورٽي اسان نيوزيلينڊ کي ڏني اوتري ته ان جي فوج به ناهي. شيخ رشيد احمد ??يو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ جي صورت ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهيو آهيان جڏهن ته عمران خان جو ساٿي هئس ۽ ان سان ئي گڏ رهندس.
پينڊورا پيپرز جي تحقيقات ڪئي ويندي جيڪو به ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ان خلاف سخت قدم کنيا ويندا، مريم نواز جا ادارن خلاف بيان غير ذميواراڻه آهن: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II