فيص?? آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ريف خاندان وٽ لنڊن جي جائيدادن جا ثبوت نه آهن ته ??هي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، هو پاڪستان واپس اچي ۽ پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي، مخالف ڌر هڪ هفتو فوج، ٻي هفتي عدليه جي خلاف هوندي آهي، اها ئي انهن جي سياسيت آهي، فرقيو??ري?? تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان جي قيادت مخالف ڌر لاءِ وڏي بدنصيبي آهي، اليڪشن هارائي ته مولانا فضل الرحمان چوندو ته ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو کٽي وڃن ته ??ليڪشن شفاف ٿيا آهن، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سندن ناڪامي سان نقصا پاڪستان جو ٿيندو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ملڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ??يئن هرگز نه ٿيندو، اسان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب تي عمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، اسان احتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، 2022ع ۾ مقامي حڪومتن جي اليڪشن جو سال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو جي زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪموڊيٽي ۽ انرجي پرائسز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مڪمل سياسي ۽ معاشي استحڪام آهي. هن چيو ته ??ءِ ايم ا??ف سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، انشاءُ الله جنوري جي وچ ڌاري فنانس (ترميمي) بل به منظور ٿي ويندو. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ??يل، گيهه ۽ دالين جي هتي پيداوار ناهي ٿيندي، انهن جون قيمتون اسان طئي نٿا ڪريون، اسان صرف انهن شين جي قيمتن جو تعين ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان جي اندر پيدا ٿينديون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي اندر پيدا ٿيندڙ شين جون قيمتون هن وقت هن پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ٻاهرين دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به اضافو ٿيندو، قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي حڪومت جي پهرين سال ئي مارچ جي لاءِ اچي ويو هو، 23 مارچ اڃان پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو ۽ جيڪڏهن اچي به وڃي ته ??سان کي ان سان ڪو به مسئلو نه آهي، هن چيو ته ??سان کي نئين سال ۾ تلخين کي گهٽ ڪرڻ گهرجن، وڏيون سياسي پارٽيون وڏن معاملن تي هڪ ٻي سان گڏجي ويهن ۽ سڌارن تي ڳالهيون ڪن، هن چيو ته ??مورين وڏين سياسي پارٽين کي هڪ ڳالهه جو پتو هجڻ گهرجي ته ??نهن جي ناڪامي سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي اندر ويڙهه ۽ جهيڙي جو عام ماڻهو جي نظر ۾ منفي تاثر قائم ٿيندو آهي جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ??ئين هرگز نه ٿيندو. عمران خان پهرين به واضح ڪري چڪو آهي ته ??سان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان جو ووٽر احتساب جو عمل مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??سان تي تنقيد به ڪئي ويندي آهي ته ??سان زرداري ۽ نواز شريف کان ڦُريل رقم وطن واپس نٿا آڻي سگهون، وڏو پئسو واپس به آيو پر مرڪزي جوابدار ملڪ کان ٻاهر آهن، عام ماڻهو ان پراسيس مان مطئمن نه آهي، هن چيو ته ??هو چوڻ ته ??سان احتساب جي عمل تان پوئٽي هٽي وڃون تڏهن ئي مخالف ڌر ڪا ڳالهه ڪندي ته ??هو رويو غير مناسب آهي. هن چيو ته ??سان کي چونڊ، معاشي ۽ جڊيشل ريفارمز جي ضرورت آهي، وڏين سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو گڏجي ويهي وڏن مسئلن تي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته ??ليڪٽورل ريفارمز تي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اهڙا سڌارا آهن جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق آهن. نيب چيئرمين جي مقرري ۽ احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته ??سان کي چونڊ سڌارن، احتساب ۽ عدليه جي سڌارن تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن معاملن کي اهي پنهنجي ڪيسن سان جوڙيندا ته ??هو قبول نه هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??ياستدانن کي عوام کي اميد ڏيڻ گهرجي ته پارليامينٽ عوام جي مسئلن جي حل جو ادارو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ طوفان بدتميزي برپا رهندي ته ماڻهن جون اميدون پارليامينٽ سان لاڳاپيل نه رهنديون. اسان کي سنجيدگي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??مران خان ۽ پي ٽي آءِ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون مخالف ڌر پهرين سال ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي. آگسٽ کانپوءِ حڪومت جو آخري سال شروع ٿي ويندو، ان کان پهرين مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿينديون، مخالف ڌر اليڪشن وڙهڻ جو شوق مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ حصو وٺي پورو ڪري وٺي. هن چيو ته ????ري?? ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف چونڊون ٿيون، هارائڻ ۽ کٽڻ وارن ٻنهي چونڊن جي شفافيت کي تسليم ڪيو، هن چيو ته ??مران خان غير جانبداري تي يقين رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به شفافيت تي ٺاهه نه ڪيو. اسان صاف شفاف چونڊن جي لاءِ نظام جوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2022ع بلدياتي اليڪشن جو سال آهي، انشاءُ الله پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون به صاف ۽ شفاف ٿينديون. عوام جي چونڊ تي ڀرپور اعتماد هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي 800 کان وڌيڪ سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري نٿي سگهي. ن ليگ سينٽر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جون پارٽيون آهن، ڪي پي اليڪشن ۾ اهو تجزيو گهڻو ٿيو ته پي ٽي آءِ پشاور جو اليڪشن هاري وئي پر اهو تجزيو نه ٿيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ ته پنهنجا اميدوار ئي بيهاري نه سگهيون. هن چيو ته فرقيو??ري?? تي ٻڌل سياست پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ درست نه آهي، ان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پيپلزپارٽي سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم رکيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام سان تمام وڏي زيادتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته ??ن سان سندس سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي سياست، پرڏيهي پاليسي، معيشت تي اسان سڀ متحد آهيون ۽ ان موجب اڳتي هلنداسين. هڪ سوال تي هن چيوته مولانا فضل الرحمان اليڪشن هارائي وڃي ته چوندو ته ??ليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي وڃي ته ??ليڪشن شفاف ٿيون آهن، مولانا فضل الرحمان جي مخالف ڌر جي قيادت ڪرڻ ڪيترين ئي مخالف ڌر جي وڏي بدنصيبي آهي.هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ گهرجي، هتي ان تي ڪيس آهن، هو پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. اسان جو ان سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف فيملي جي لنڊن ۾ اربين روپين جون جائيدادون آهن، ان وٽ ثبوت نه آهن ته ??هي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، جن اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف رهي پيو ان جو پئسو ڪٿان کان آيو، انهن وٽ ڪو به جواب نه آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فصل الرحمان پهرين به مارچ لاءِ آيو هو ۽ واپس هليو ويو، 23 مارچ گهڻو پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو، جيڪڏهن اچي به وڃي ته ??سان کي ڪو به مسئلو نه آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته ??هباز شريف بيان حلفي جمع ڪرايو هو ته هو نواز شريف کي واپس گهرائيندو، اٽارني جنرل آفيس ان معاملي کي ڏسندي، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر هڪ هفتو فوج جي مخالف هوندي آهي، ٻي هفتي عدليه جي خلاف، اها ئي انهن جي سياست آهي.
اسان جو نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا