اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري، وزيراعظم ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي ان??ر سياست ٿيندي رهندي آه??، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اج??اس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اج??اس ۾ پشاور واقعي تي بريفنگ ڏني وئ??، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اسان جي فورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين ??هچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان کي يورپي يونين جي صدر ٽيليفون ڪال ڪئي، يورپي يونين جي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يورپي يونين جي صدر جي وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل رهندو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان اسان جي پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اسان جي پارٽي جو حصو آهن. پارٽي جي ان??ر سياست ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون انهن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين جا ويجها لاڳاپا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي ان??ر سياست ٿيندي رهندي آهي.
يورپي يونين جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل