اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سين??ٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن ??نصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، ??هشتگرد امن ??مان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ترقي کان ملڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سين??ٽر مرزا محمد آفريدي، ??ينيٽ ۾ قائد ايوان سين??ٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سين??ٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت