اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد ح??ين چيو آهي ته پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهاز شامل ٿيڻ سان پاڪ فضائيه ڀارتي تڪبر کي هڪ دفعو ٻيهر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آ??ي، ڀارت رافيل جهاز حاصل ڪري برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، پاليسي جا فيصلا پارليامينٽ ۽ حڪومت جو اختيار آ??ي، اسان جي خواهش آهي ته سياسي صورتحال جلد کان جلد ۽ 23 مارچ جي تقريب کان اڳ ختم ٿئي، پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رکون ٿا، پيڪا آرڊيننس تي چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهه ٿي آ??ي، حڪومتي اتحادي جلد وزيراعظم کي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڌري ڀائرن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته رافيل جهاز حاصل ڪري ڀارت برتري جي دعويٰ ڪئي هئي، جي 10 سي جي پاڪ فضائيه ۾ شموليت سان اها برتري پاڪ فضائيه کي حاصل ٿي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قانون تي اسان چوڌري پرويز الاهي کي درخواست ڪئي هئي ته هو پيڪا قانون جي حوالي سان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري ۽ ڏسي ته ان ۾ ڪهڙي بهتري آڻي سگهجي ٿي ۽ هاڻي اسان ان سان ملاقات ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ صبح اخباري مالڪن سان به اسان جي ملاقات ٿي ۽ چوڌري صاحب سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اسان ان معاملي کي جامع طريقي سان اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي سان سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آ??ي، هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي آهن ۽ اسان اتحادين جهڙي ئي سوچ رکون ٿا، چوڌ??ي فواد ح??ين چيو ته مستقبل ۾ جيڪي به وڏا فيصلا ??يڻ?? آهن ان تي مسلم ليگ (ق) ۽ پي ٽي آءِ هڪ ئي پليٽ فارم تي آهن ۽ جيڪي خدشا آهن اهي ڪافي حد تائين ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ باقي به ختم ڪري ڇڏيندا??ين ۽ بي اعتمادي جو اجلاس گهرائڻ کان اڳ سمورا اتحادي وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيندا جنهن سان موجوده صورتحال ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته 23 مارچ تي تقريبن 40 کان وڌيڪ ملڪن جا پرڏيهي وزير، 200 کان وڌيڪ وفد ۽ ٻين اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان اچي رهيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اها سياسي صورتحال ان تقريب کان پهرين ختم ٿي وڃي ۽ اميد آهي ته اتحادين پاران وزيراعظم تي اعتماد جو باضابطه اعلان جلد ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) حڪومت سان گڏ آ??ي، هو ڪابينا جو حصو آ??ي، هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ انار سئو بيمار وارو حاصل آ??ي، انشاءُ الله سڀني کي مطئمن ڪندا??ين ۽ توهان ڏسندا ته معاملو افهام و تفهيم سان حل ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌ??ي فواد ح??ين چيو ته عليم خان جي ترجمان لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي آ??ي، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي اسان پي ٽي آءِ جو حصو تصور ڪريون ٿا ۽ جيڪو به فيصلو ٿيندو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چوڌ??ي فواد ح??ين چيو ته فوج ۽ حڪومت ڌار ناهن هونديون، آئيني اسڪيم ۾ فوج حڪومت ۽ ايگزيڪيٽو جو حصو آهي ۽ ان تي ڪا به ٻٽي راءِ نه آ??ي، هن چيو ته هن وقت جيڪا سياسي سرگرمي آهي اها صرف عدم اعتماد جي ڪري نه پر 2023ع جي عام چونڊن ۽ ان کان اڳ بلدياتي چونڊن جي ڪري آهي.
پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهاز شامل ٿيڻ سان پاڪ فضائيه ڀارتي تڪبر کي هڪ دفعو ٻيهر مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ