اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار لاءِ هتي چين جي سفارت??ان?? ويو. پرڏيهي آفيس ج?? بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوش?? ڪئي. ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری