اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جولي??ن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جولي??ن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بح??لي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جولي??ن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن ک?? منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان ک?? منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتوني?? گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جولي??ن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بح??لي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بح??لي جي قدمن ک?? مثالي قرار ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا