اسلام آباد – 08 – ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سيني??ر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني قومي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??وم??ر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ ??وم??ر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سيني??ر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي ٺاهڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پروفيسر فتح محمد ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پروفيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان اڪبر، پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪ??ر عبدالرئوف رفيق، پروفيسر ڊاڪ??ر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي علامه محمد اقبال جو پيدائش ڏهاڙو شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت، سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا