اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا ??ي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيل??فو??ڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ ??و عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا ??ي نئين و??يراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا ??ي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن و??پار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ ??طح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا ??ان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ملائيشيا ??ان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا ??ي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مست??ڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.
وزيراعظم جو ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا