ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهب?? جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخان?? جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي م??ڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪار?? جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏ??ڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپ?? جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئ?? جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino