اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته اسڪول وڃڻ جي عمر جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آه??، اهو انگ ڳڻتي جوڳو آه?? جنهن جي داخلا لاءِ تخليقي حل سوچڻ جي ضرورت آه??، انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ واقعي هڪ وڏو چئلينج آه?? جنهن کي رڳو روايتي طريقن سان حل نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي لاءِ ڊيجيٽل ۽ آن لائين سکڻ جي طريقن جي استعمال کي فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ي??ني??يف پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ي??ني??يف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو عبدالله عبدالعزيز فاضل اجلاس کي پاڪستان ۾ ص??ت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ي??ني??يف جي ڪردار ۽ ڪاميابين بابت ٻڌايو. ايوان صدر ۾ منعقد بريفنگ اجلاس ۾ چيف پوليو ي??ني??يف هامش ينگ، چيف ايجوڪيشن ايلن وان ڪالمٿائوٽ، چيف واش هيلي گاشا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ي??ني??يف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو اجلاس کي ٻوڏ سان ٻارن تي پوندڙ اثرن ۽ ي??ني??يف پاران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ٻارن جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ امداد بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته شديد غذائي کوٽ جي شڪار 134779 ٻارن جي علاج جي لاءِ داخلاڪ ئي وئي آه??، ان کانسواءِ 1194940 ٻارن کي خسري جي خلاف حفاظتي ٽيڪا لڳايا ويا آه??. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ي??ني??يف 1232 عارضي تعليم مرڪز قائم ڪيا ۽ 180889 ٻارن کي مختلف طريقن جي ذريعي محفوظ ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته 1195088 ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ فراهم ڪئي وئي آه??. هن پاڪستان جي تعليم ۽ صحت جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ ي??ني??يف جي 5 سالا پروگرام (2023 – 2027) بابت پڻ آگاه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ي??ني??يف دماغي صحت ۽ معذوري کي پنهنجي پروگرامن ۾ شامل ڪيو آه??. عبدالله عبدالعزيز فاضل چيو ته پاڪستان ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آه?? ۽ جيڪڏهن ان مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي ته ان سان ملڪ جي جي ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر چيو ته دماغي صحت، غذائيت جي کوٽ ۽ معذوري صحت جا وڏا مسئلا آه?? جن تي فوري ڌيان ڏيڻ ۽ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران فوري فيصلن جي ضرورت آه??. هن بيمارين جي بچاءُ جي رخ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو نه رڳو لاڳت جي حوالي سان موثر آه?? پر بيمارين جي بار کي گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. صدر پاڪستان جي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ي??ني??يف جي تعاون کي ساراهيو.
اسڪول وڃڻ جي عمر جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهو انگ ڳڻتي جوڳو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر