اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آ??ي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آهي، هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آ??ي پر اسان ان کي وقت سان گڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ??ينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پاليسي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو آ??ي تنهن هوندي به ان کي هيٺ آڻڻ ۾ و??ت گهربل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آ??ي ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ا??ائيگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ا??ائيگين کي به ممڪن بڻايو ويو آ??ي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پاليسي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ته اسان مشڪل وقت مان گذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ??ري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.
پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو آهي: وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب