مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سهولت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر??يش??ل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽر??يش??ل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊو??يش??ا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪ?? کان سعودي عرب آيل س??ور?? حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي ت?? سفر بابت س??ور?? طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.
مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال 7 ملڪن مان 2 لک 42 هزار 272 حج پانڌيئڙن کي آسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون: سعودي پريس
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب