اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وز??رت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان ??و هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ??ال??ه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان ??ذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری