اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزي??اع??م شهباز شريف جي ويزن موجب موجوده حڪومت جي فوري ۽ ٺوس قدمن سان ملڪي معيشت ۾ مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، حڪومت فلم جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي م??اع??ون ڏنيون آهن، غيرملڪي فلم ساز پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلمسازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ آس??ريليا جي سفير نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، معاشي استحڪام، فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آس??ريليا جي سفير موجوده حڪومت جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ آءِ ايم ايف جي معاهدي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آس??ريليا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزي??اع??م شهباز شريف جي ويزن موجب حڪومت ملڪي معيشت جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻي، انهن قدمن سان ملڪي معيشت ۾ مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آس??ريليا جي سفير کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ بابت تفصيلن کان آگاهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڪائونسل معاشي بحالي جي لاءِ پاليسي جي اڳڪٿي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائيندي. ايس ??ئي ايف سي فيصلاسازي جي اعليٰ فورم تي ڪم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اظهار جي آزادي جي راءِ تي پڪو يقين رکي ٿي. حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي پهرين هفتي دوران اظهار راءِ جي آزادي جو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته جرنلسٽ ۽ ميڊيا پروفيشنل ترميمي بل منظوري جي مرحلن ۾ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال بجيٽ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي، جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته اسان اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سڄي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا. مريم اورنگزيب آس??ريلوي سفير کي نيشنل اميچوئر فلم انڊسٽري بابت آگاهه ڪندي چيو ته نيشنل امچوئر فلم فيسٽيول جو مقصد پاڪستاني نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته تازو ئي نيشنل امچوئر فلم فيسٽيول ايوارڊ جا پنجويهين هاءِ اچيورز آس??ريليا روانا ٿيا آهن. فلم انڊسٽري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت 2 ارب رپين جي لاڳت سان فلم فنانس فنڊ قائم ڪيو آهي. فلم جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي م??اع??ون ڏنيون ويون آهن. حڪومت فلم، ڊاڪيومينٽري ۽ ڊراما تيار ڪرڻ تي فنڊز فراهم ڪندي. هن چيو ته غيرملڪي فلمسازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلمسازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آس??ريليا جي ميڊيا پاڪستان جي حالتن کي معروضي ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پيمرا جي قانون کي بدلايو پيو وڃي، پيمرا اٿارٽي ۾ صحافتي تنظيمن کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. ان موقعي تي آس??ريلوي سفير چيو ته آس??ريليا جي ڪمپني بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي. ريڪوڊڪ منصوبو بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان جي ترقي جو دروازو کوليندو. آس??ريلوي سفير اطلاعات واري وفاقي وزير جي فلم اينڊ ڪلچر ۽ ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جي راءِ جي فروغ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن سبب ملڪي معيشت ۾ مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج