ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني نوجوانن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن، هاڻي پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالم?? ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نوجوان نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نوجوان آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پ??پل??پارٽي نوجوانن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نوجوانن کي جيتريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجوانن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي ح??ومت ۾ مليا هئا. پ??پل??پارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پ??پل??پارٽي اڄ جي نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پاڪستان پ??پل??پارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نوجوانن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا ??هي پورو به ڪر?? ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالم?? ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پاڪستاني نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
نوجوان ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت آهن، اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن