اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگه??ن، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزي جي صورت ۾ ??دا??لت جو اختيار حاصل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳاله??ئي??دي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته آئين تحت نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، ان جي بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ آهي ۽ اها آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت وٽ روزاني جي حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، اسان حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نه ٿا آڻي سگه??ن، معمول جي پاليسين تي عمل پيرا رهنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکنداسين، قاعدن ۽ ضابطن ۾ سنگين خلاف ورزين جي صورت ۾ ??دا??لت جو اختيار حاصل آهي. قومي اسيمبلي آئيني مدو مڪمل ڪري تحليل ٿي چڪي آهي، چونڊون اڃا ٿيڻيون آهن، پارليامينٽ جو ايوا?? ڪم ڪري رهيو آهي، جيست??ئي?? قومي اسيمبلي جو ايوان نه ٿو اچي ته قانونسازي نٿي ٿي سگهي، سڀني وزيرن کي پنهنجي وزارتن پاران بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو.
نگران حڪومت مختصر مدي جي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن جي لاءِ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون