اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ڪ??س جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو ??نتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ?? اسان جا قانوني ماهر ان جو ??ائزو وٺندا، بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. اها ڳالهه هن توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چئي. نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جو ??نتظار ڪري رهي آهي، تفصيلي فيصلو ملڻ تي قانون واري وزارت ?? اسان جا قانوين ماهر ان جو ??ائزو وٺندا ۽ ان جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو ??علان ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجيٽ ۾ چونڊن جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، هن وق?? تڪبندين جو ڪم هلي رهيو آهي، اسان جي ڪمٽمنٽ آهي ته چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سيڪيورٽي ۽ مالي وسيلن سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون.
حڪومت سپريم ڪورٽ جي نيب ترميم ڪيس جي حوالي سان تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی